بوهي مڱ مڱ ڦلي يا مڱيرا

بوهي مڱ مڱ ڦلي يا مڱيرا

بوهي مڱ

بوهي مڱ/ بوهي چڻا (Ground Nut/ Arachais hypogaea ):51 سيڪڙو تيل ملي ٿو. بوهي مڱ اسان جي صوبي جو هڪ اهم فصل آهي. هيءُ فصل مکيءَ ڍنڍ وارين ايراضين ۾ پوکيو وڃي ٿو، ڇو جو اتان جي زمين وارياسي آهي. وارياسي زمين جنهن ۾ وونئڻ وغيره نه ٿا ٿين، اتي هيءُ فصل ڏاڍو ڪامياب آهي. هيءُ فصل سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي وارياسن علائقن ۾ تمام سٺو ٿيندو آهي. هن فصل تي خرچ ۽ محنت گهٽ ۽ بچت وڌيڪ ٿئي ٿي. وارياسي زمين تي چار سُڪيءَ جا هر ڏيئي، ڀتر ڀڃي زمين کي سڌو ڪجي ته جيئن زمين ۾ ڦريون چڱيءَ طرح تيار ٿي وڃن. ريج کان پوءِ به هر ڪڍي ٻاٽيون گهمائي، پوکڻ گهرجي. هن فصل جي پوک جو موزون وقت ڏکڻ سنڌ ۾ سيءَ جو مهينو آهي ۽ اتر سنڌ ۾ جون جو مهينو آهي. پوکي، ناڙيءَ رستي، 46 سينٽي ميٽرن کان 60 سينٽي ميٽرن تي ڪجي. جي-17 سڌي جنس ۽ جي-15 پکڙڻ واري جنس هن فصل جون مکيه جنسون آهن. عام طرح بوهي مڱن جي ڦرين کي ”کاڄا“ يا ”مڱ ڦلي“ به چوندا آهن. اتر سنڌ ۾ وري مڱ ڦرين کي ”مُڱيرا“ چوندا آهن.


لفظ بوهي مڱھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو